لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ڏ??ڻ آفريقا خلاف و?? ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪرڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان پهرين ٽيم آهي جنهن ڏکڻ آفريقا جي سرزمين تي ون ڊي سيريز ۾ ٽئي ميچون کٽي وائيٽ واش ڪيو آهي. قومي ٽيم کي ٽئين ون ڊي ميچ کٽڻ ۽ ڏکڻ آفريقا کي وائيٽ واش ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. اها شاندار ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته صائم ايوب هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو ڪلاس ثابت ڪيو ۽ سينچري اسڪور ڪري ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته محمد رضوان ۽ بابر اعظم سٺي بيٽنگ ڪئي، اه???? طرح سفيان مقيم شاندار بالنگ ڪري قوم جون دليون کٽي ورتيون. هن چيو ته سڄي سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم جا ??انديگر پراعتماد نظر آيا ۽ هو جذبي ۽ محنت سان کيڏيا. ان ڪاميابي سبب رانديگرن جو مورال وڌندو ۽ چيمپئينز ٽرافي ٽونامينٽ ۾ به پاڪستاني ٽيم اه??ي ئي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.
محسن نقوي طرفان ڏکڻ آفريقا خلاف ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي تي پاڪستاني ٽيم کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی