لاهور- 21 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن
نقوي،7/24 اوپن پاسپورٽ آفيس گارڊن ٽائون جو اوچتو دورو ڪيو. وفاقي
وزير پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ آيل شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان پاسپورٽ
ٺهرائڻ واري عمل جي باري ۾ پڇاڻو ??يو. پاسپورٽ ٺهرائڻ جي عمل تي
اطمينان جو اظهار ڪندي شهرين چيو ته 24 ڪلاڪ پاسپورٽ آفيس کليل رهڻ
سبب بي پناهه رش ختم ٿي وئي آهي. وفاقي وزير مختلف ڪائونٽرن تي ويو ۽
شهرين سان ڳالهه ٻولهه ??ئي. هن ڪجهه شهرين جا مسئلا موقعي تي حل
ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنا. ڪجهه شهرين عل??ئق?? ۾ ايجنٽ مافيا جي شڪايت ??ئي.
وفاقي وزير فوري طور نوٽيس وٺندي ايف آءِ اي کي اڄ ئي فوري ڪريڪ
ڊائون جو حڪم ڏنو. هن چيو ته شهرين کي سهولتون سڀ کان وڌيڪ عزيز
آهن. پاسپورٽ ملڻ ۾ دير جي شڪايتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شهرين جو اعتماد منهنجي لاءِ اطمينان جو سبب آهي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران گارڊن ٽائون پاسپورٽ آفيس جو دورو، شهرين جو پاسپورٽ ٺهرائڻ واري عمل تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب