اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف بشريٰ بي بي جي الزامن کي ??اڪ سعودي عرب لاڳاپن تي ڪاري ضرب قرار ??يندي چيو آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپن کي سياست جي ور چاڙهڻ افسوسناڪ آ??ي، ڪالهه لاڳاپا خراب ڪرڻ جي نهايت مڪروه ۽ غليظ قسم جي ڪوشش ڪئي وئي، اهي ماڻهو پاڻ کي ??ذهب جو ٺيڪيدار سمجهن ٿا، بشريٰ بي بي پنهنجو پاڻ کي شريعت چئي رهي آ??ي، جيڪڏهن هو شريعت آهي ته الله ئي حافظ آهي اسان جو، پي ٽي آءِ ۾ ڪو به پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي لاءِ سنجيده نا??ي، عدالتي فيصلي تي پي ٽي آءِ جو بار بار اسلام آباد تي حملي جي معمول جو خاتمو يقيني بڻائينداسين، پي ٽي آءِ باني سان سڌي ريت ڪو به رابطو يا ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان اسٽيبلشمينٽ جو رابطو آ??ي، جنرل باجوده کي گهرجي ته هو پاڻ انهن الزامن جي ترديد ڪري. هو ڪالهه پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. خواجه آصف چيو ته سعودي عرب سان اسان جا تاريخي لاڳاپا آهن، اتي 28 لک پاڪستاني روزگار ??مائي رهيا آهن، بشريٰ بي بي جا الزام شرمناڪ آهن، سياست بچائڻ لاءِ دوست ملڪ تي الزام لڳائڻ انتهائي ڪريل حرڪت آ??ي، بشريٰ بي بي تڪراري بيان سياست جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ ڏنو. پي ٽي آءِ قيادت طرفان مذهبي ڏيوالپڻي جو به مظاهرو ڪيو ويو. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ عورتن وچ ۾ جهيڙو هلي رهيو آ??ي، اهو سمورو جهيڙو سياسي پارٽي جي وارثي لاءِ ٿي رهيو آ??ي، ڀاڄائي ۽ نڻانن وچ ۾ وراثت جي ويڙهه ۾ 3 عورتون هڪ طرف ۽ بشريٰ بي بي ٻي طرف آ??ي، آزادي کانپوءِ بشريٰ بي بي جو پشاور وڃڻ، ان مان ظاهر لڳي ٿو ته سياسي وارث هو بڻجي رهي آهي. ملڪي سياست ۾ ڏيوالپڻو ڏٺو ويو آهي پر اهڙي ڏيوالپڻو نه ڏٺو جهڙي سياسي وراثت جي دعويٰ بشريٰ بي بي ڪئي آهي. هن چيو ته هڪ معتبر صحافي ذريعي اڳوڻي آرمي چيف جو بيان اچي چڪو آ??ي، الزامن جي سنجيدگي کي ڏسندي قمر جاويد باجوه کي ذاتي طور پاڻ اچي ان جي ترديد ڪرڻ گهرجي، ان جو چوڻ هو ته جنهن ملڪ خلاف بيان ڏنو آ??ي، اتان واچ وٺي انهن ڪاروبار ??يو، ايپڪس ڪميٽي ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته توشاخانه مان سڀني تحفا ورتا، منهنجي ليڊر ورتو به ڇا ٿيو، فرق اهو آهي ته هن تحفو ورتو، ان کي ??ڪرو ڪيو، معمولي رقم جمع ڪرائي ۽ باقي رقم پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏي، ان خلاف الزام اهو آهي. خواجه آصف چيو ته هي ڀٽو ۽ نواز شريف جي خاندان کي گاريون ڏين ٿا ته خانداني سياست ٿي رهي آ??ي، هتي خانداني سياست کانسواءِ ڏوهٽن ۾ ويڙهه ٿي رهي آ??ي، هي خانداني سياست جي انتها آهي. هن چيو ته جهڙي طرح هن پنهنجي مشهوري شروع ڪئي آهي ان جو اوهان کي ايندڙ ڏينهن ۾ پتو پئجي ويندو ته اهو اٺ ڪهڙي پاسي ويهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته علي امين گنڊاپور روزاني اسلام آباد ۽ پنجاب تي حملي آور ٿي رهيو آ??ي، 24 نومبر تي ان جو اسلام آباد تي ٽيون حملو ٿيندو، خيبرپختونخوا دهشتگردي جو شڪار آ??ي، دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ خيبرپختونخوا ۾ ڪي به قدم نه کنيا ويا. اهي ماڻهو ملڪي پرڏيهي پاليسي تي حملو ڪن ٿا، ڪاش اهي ڪو حملو دهشتگردي تي به ڪن. خواجه آصف دعويٰ ڪئي ته تحريڪ انصاف جي قيادت نٿي چاهي ته پي ٽي آءِ جو باني آزاد ٿئي، پي ٽي آءِ باني آزاد ٿيو ته پارٽي اڳواڻن جو دڪان نه هلندو. بچاءُ واري وزير چيو ته اسان جو تحريڪ انصاف سان ڪنهن به قسم جو رابطو نا??ي، خواجه آصف جو چوڻ هو ته سعودي عرب کان واچ وٺي هن ڪاروبار ??يو، علي امين گنڊاپور چيو ته منهنجي ليڊر تحفو ورتو ته ڪهڙو گناهه ٿيو؟ علي امين گنڊاپور کان وڌيڪ ڪير به نٿو ڄاڻي ته بشريٰ بي بي جي آڊيو به موجود آهي جنهن ۾ هو ماڻهن کي دڙڪا ڏئي رهي آهي ۽ نوڪرين مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. دفاع واري وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي احتجاج بابت عدالتي فيصلي کي ??وري قوت سان لاڳو ڪنداسين.هن چيو ته گذريل ڏينهن خيبرپختونخوا ۾ رتوڇاڻ ٿي آ??ي، وڏي وزير هر چوٿين ڏينهن وفاق ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ وڃي ٿو، خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردي خلاف هن وقت ڇا ڪيو آهي؟.
پي ٽي آءِ احتجاج بابت عدالتي فيصلي تي پوري قوت سان عمل ڪرائينداسين: خواجه آصف
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا