اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ 26 هين ??ئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي. ڪالهه آچر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري و??اقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ 26 هين ??ئيني ترميم جو بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. رٿ جي منظوري کانپوءِ 26 هين ??ئيني ترميم جو بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري وئي. سينيٽ چيئرمين ??ٿ تي و??ٽنگ دوران ان جي حامي ۽ مخالف ميمبرن کي بيهاري انهن جي ڳڻپ ڪرائي. ووٽنگ کان اڳ سموريون گئلريون خالي ڪرايون ويون جڏهن ته هال جا دروازا بند ڪيا ويا. ڳڻپ دوران ترميم جي رٿ جي حمايت ۾ 65 ووٽ جڏهن ته مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا. پي ٽي آءِ جا اڪثر ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئا. ان کانپوءِ پي ٽي آءِ جا چارئي ميمبر ڳڻپ کان پوءِ ايوان مان هليا ويا ۽ قانونسازي ۾ حصو نه ورتو. رٿ جي منظوري کانپوءِ سينيٽ چيئرمين ??يد يوسف رضا گيلاني 26 هين ??ئيني ترميم شق وار منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه ط??ر تي منظوري ڏني. جي يو آءِ (ف) جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ترميمون ايوان ۾ پيش ڪيون جنهن جي و??اقي وزير اعظم نذير تارڙ حمايت ڪئي جنهن تي ايوان انهن ترميمن کي منظور ڪري ورتو. آئيني ترميم جي شق وار منظوري دوران ڪنهن به ميمبر قانونسازي جي مخالفت نه ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ چيئرمين ??ل جي شق واري منظوري کانپوءِ بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. بل تي و??ٽنگ کان اڳ هال جا دروازا بند ڪيا ويا، سينيٽ چيئرمين ٻه منٽ گهنٽيون وڄائڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ هال جا دروازا بند ڪيا ويا. سينيٽ چيئرمين ??ئيني ترميم جي حامي ميمبرن کي ساڄي لابي ۽ مخالف ميمبرن کي کاٻي لابي ۾ وڃڻ ۽ رجسٽر تي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ چيئرمين ڳڻپ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ترميم جي حمايت ۾ 65 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا، اهڙي طرح ايوان 26 هين ??ئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي.
سينيٽ 26 هين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino