اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سمورن منصوبن جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز کي جلد مقر?? ڪيو ويندو، منصوبا بندي واري وزارت جي رُڪيل فائلن کي ڪڍيو وڃي ته جيئن ڪنهن ڪم ۾ دير نه ٿئي ۽ رڪيل ڪم کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبا بندي واري وزارت جي رٿائن تي تفصيلي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرام عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي. احسن اقبال چيو ته سمورين رٿائن جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز کي جلد مقر?? ڪيو ويندو. هن چيو ته وزارت جو عملو صرف پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي عملي جي ڀرتين ۾ سهول??ون فراهم ڪندو. احسن اقبال ??مورن اسسٽنٽ چيفس ۽ ريسرچ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پرڏيهي ملڪن ۾ اعليٰ يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپس لاءِ اپلاءِ ڪن. وفاقي وزير چيو ته تحقيق ۽ جدت جو عمل رُڪڻ نه گهرجي. رٿابندي واري وزارت آفيسرن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڀرپور معاونت ۽ وسيلا فراهم ڪندي.
وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبا بندي واري وزارت جي رٿائن تي تفصيلي جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز