لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميرٽ ۽ شفافيت کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ممڪن نه آهي، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي جد??د رخن تي قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، حڪومت راندين جي فروغ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي پئي، ڪرڪيٽ يا هاڪيءَ جي راند جي روشن يادن کي ٻيهر تازو ڪرڻ گهرجي، شائقين کي راند جي به??ري جي حوالي سان تمام گهڻيون اميدون واڳيل آهن، جلد راندين جي ميدان ۾ وڃايل مقام حاصل ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار قذافي اسٽيڊيم لاهور جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقو??، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پنجاب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته حڪومت راندين جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻ?? رهي آه??، اسان جي نوجوانن ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي، خواهش آهي ته اسان راندين ۾ وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪنداسين. هن چيو ته ميرٽ کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ممڪن نه آهي، سڀني شعبن ۾ شفافيت جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻ?? رهيا آهيون، جلد ملڪ بحران مان ن??ري ويندو. محمد شهباز شريف ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته 50ع کان 80ع جي ڏهاڪي تائين راندين جي ميدان ۾ اسان جي ٽيمن جو راڄ هو پر بدقسمتي سان سفارشي ڪلچر، راندين سميت ٻين شعبن جو ٻيڙو غرق ??ري ڇڏيو. هن چيو ته ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي جد??د رخن تي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. مون کي خوشي آهي ته چيئرمين پي سي بي محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر کي جد??د رخن تعمير ڪرڻ جو قدم کنيو آهي. ويجهي ماضي وانگر اهو منصوبو به جلد مڪمل ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف محسن نقوي کي مخاطب ڪندي چيو ته جهڙي طرح توهان قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير ڪرڻ و???? رهيا آهيو اهڙي طرح قومي ٽيم جي به نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي. ڪرڪيٽ تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو وڃي. رڳو ميرٽ تي رانديگرن جي چونڊ کي نظر ۾ رکيو وڃي. ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين سر جوڙجڪ هڪ تمام وڏي ڪاميابي هوندي. هن چيو ته ٽيم ۾ رانديگرن جي چونڊ ۾ ڪنهن به سفارش کي نه مڃيو وڃي ڀلي وزيراعظم به توهان کي سفارش ڪري. توهان کي رڳو ميرٽ کي ترجيح ڏيڻي آهي. ڇو ته سفارشي ڪلچر جي خاتمي سان ئي ڪرڪيٽ، هاڪي سميت ٻين راندين ۾ ملڪ جو ٻيهر نالو روشن ??ري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته جڏهن ٽيم ميدان ۾ لهندي آهي ته ان جي پويان مائرن، ڀينرن، ڀائرن، جڏهن ته سڄي قوم جون دعائون هونديون آهن، شائقين جون راند ۾ به??ري جي حوالي سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل هونديون آهن. مون کي اميد آهي ته اسان جلد راندين جي ميدان ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ??ري وٺنداسين.
ميرٽ ۽ شفافيت کانسواءِ ڪنهن به شعبي ۾ ترقي ممڪن نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری