راولپنڊي -01 جولاءِ (اي پ?? پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 7 ڪارروائين ۾ 833 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف هيڊ ڪوارٽر ??اولپنڊي مان جاري رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران منشيات جي خاتمي وارين ڪارروائين دوران با??ا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قطر وي??دڙ مسافر کان 748 گرام آئس هٿ ڪئي وئي. راولپنڊي ۾ ڪارگو آفيس مان آسٽريليا موڪلي وي??دڙ پارسل مان 400 گرام آئس هٿ ڪئي وئي. ماشخيل مان 460 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو وي??. پشين روڊ ڪوئٽا ويجهو 319 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو وي??. ڪراچي مان ڪنٽينر جي ڳجهن خانن مان 41 ڪلوگرام آئس هٿ ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ ريلوي ڦاٽڪ ويجهو موٽر ??ائيڪل سوار کان 7 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو وي??. سيالڪوٽ ۾ سمبڙيال ويجهو جوابدار کان 4.8 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو وي??. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
اي اين ايف پاران مُلڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايُون، 833 ڪلوگرام منشيات هٿ، 3 جوابدار گرفتار
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز