اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 94.8 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان اپريل تائين واپاري خسارو 21.6 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 17.7 ارب ڊالر تي اچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 22.6 ارب ڊالر هو. اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي ن??ڻي ۾ 3.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 23.8 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 23 ارب ڊالرن جو پرڏيهه مان اماڻيل ناڻو رڪ??رڊ ٿيو هو. حڪومت جي سڌارن وارين پاليسين ۽ معاشي بحالي لاءِ کنيل قدمن جي ن??يجي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي وئي، جيڪا گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر رڪ??رڊ ٿي هئي. هلندڙ مالي سال دوران مٽاسٽا جي ن??ڻي جي ذخيرن ۾ به چڱو اضافو ٿيو آهي ۽ اهي وڌي 14 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن. هن وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ن??ڻي جا ذخيرا 8 ارب 90 ڪروڙ ڊالر آهن. معاشي سڌارن جي ن??يجي ۾ روپئي جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو رڪ??ي ويو ۽ جون 2023ع کانپوءِ روپئي جي قدر ۾ 2.8 سيڪڙو اضافو جو رڪ??رڊ ٿيو.
هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 94.8 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي: اقتصادي سروي
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea