اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب ۽ انٽر ايڪٽو سيشن جو اهتمام ڪيو. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه ۽ ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب تقريب ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. تقريب ۾ اداري جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عاصم کچي عورت ملازمن جي نمايان خدمتن کي ساراهيو جيڪي مختلف شعبن ۾ پرعزم انداز ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. عاصم کچي عورت عم??ي کي يقين ڏياريو ته هو انهن جي سمورن حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو ۽ ان جي لاءِ پنهنجي لاڳاپيل شعبن ۾ بهترين ڪا??ڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول پي??ا ڪندو. هن چيو ته عورتون ڪل آبادي جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن ۽ انهن جي فعال شموليت کانسواءِ ملڪ گهربل ترقي حاصل نه ٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جا ٿورا مڃيا جنهن عورت عم??ي جي خدمتن جي اعتراف جي لاءِ ان تقريب جو اهتمام ڪيو. هن چيو ته عورتون آفيسن ۾ پنهنجو حصو وجهڻ سان گڏوگڏ گهر جي ڪم ڪا?? کي سنڀالڻ ۾ پڻ ساراهه جون مستحق آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي عورت عم??ي اي پي پي جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم ۽ ان تقريب کي منعقد ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو. سندن چوڻ هو ته اهڙي طرح جا موقعا عورت عم??ي جي لاءِ وڌيڪ ج??ش ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ جي ترغيب جو ذريعو بڻجن ٿا. هنن چيو ته اي پي پي ۾ هي پهريون موقعو هو جو عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، اسان سڀني جي خواهش آهي ته هر سال ان موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو وڃي. ان کان اڳ اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي ۽ ڊائريڪٽر نيوز عورت اسٽاف سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو ۽ مبارڪباد ڏني.
اي پي پي پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب ۽ انٽر ايڪٽو سيشن جو اهتمام
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا