اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊن سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو، نگران ??ڪومت سمورين سياسي پا??ٽين سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪري رهي آهي، نگران ??ڪومت پنهنجا هدف حاصل ڪيا آهن، ايس آءِ ايف سي جي ذريعي دوست ملڪن سان ??ربين ڊالر جا معاهدا ڪيا ويا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته تڪميل پاڪستان ??ي لاءِ مسلم ليگ (ق) کان پنهنجي سياست جي شروعات ڪئي هئي. هن چيو ته قومپرستن سان ڳالهه ٻولهه جو حامي هئس، قومپرستن کانسواءِ ٻيا به بلوچن جا نمائندا آهن. هن چيو ته ڊگهي عرصي کان ??اگردن سان ڳالهه ٻولهه ۾ شامل آهيان، شاگردن جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته سياسي شخصيتون ۽ سياسي سوچ رکندڙن کي ئي حڪومت جو سربراهه هجڻ گهرجي. نگران وزيراعظم بڻجڻ جي تجويز جي اڳ ۾ خبر نه هئي، نگران ??ڪومت وٽ محدود اختيار ۽ وقت گهٽ هو پوءِ به بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جيڪي هدف مقرر ڪيا هئا انهن ۾ ڪاميابي ملي، ان ??والي سان ??ڪومت جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪئي ويندي. هن چيو ته اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي وڏو مسئلو آهي ۽ رهندو، ايف بي آر ۾ سڌارن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري کانسواءِ چارو نه آهي. هن چيو ته نجڪاري ڊگهو عمل آهي، پي آءِ اي جي اثاثن ۽ رهتن جي ادائيگين سميت ٻيا معاملا آهن، نجڪاري جي معاملي تي ڪافي قدم کنيا آهن، ايس آءِ ايف سي جو فورم اڳوڻي حڪومت جوڙيو ۽ پا??ليامينٽ ۾ ان ??والي سان قانونسازي ڪئي وئي، اسان ??ن جو تسلسل جاري رکيو، هي بهترين فورم آهي، ان ??ان ملڪ کي فائدو ٿي رهيو آهي، ايندڙ حڪومت ان ??سلسل کي جاري رکندي، ايس آئي ايف سي جي ذريعي گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت سان ??ربين ڊالر جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. هن چيو ته چونڊن بابت سمورا افواهه دم ٽوڙي چڪا آهن، 8 فيبروري تي ملڪ ۾ چونڊ عمل مڪمل ٿي ويندو، ڪجهه ڏينهن ۾ نئين حڪومت جو نقشو واضح ٿي ويندو، سياسي عدم استحڪام دم ٽوڙي ويندو. هن چيو ته 9 مئي تي رياست جي تصور تي حملو ڪيو ويو، قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ان کي منطقي انجام تائين پهچائڻ گهرجي، سوشل ميديا کي ريگيوليٽ ٿيڻ گهرجي، ان ??والي سان ڪم جاري آهي، پا??ليامينٽ ئي قانونسازي ڪندي. هن چيو ته سياسي پا??ٽين ۾ انفرادي اثررسوخ وڌيڪ آهي، 9 مئي واقعي ۾ ڪجهه ماڻهو ملوث آهن، پوري سياسي پا??ٽي کي فسادي نه ٿا چئي سگهون، انهن اڻوڻندڙ ڪم ڪيو جنهن جا سنگين نتيجا آهن، اسان ڪنهن سياسي پا??ٽي کي ٽارگيٽ نه ڪري رهيا آهيون. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته عوام جنهن کي به چونڊيندي اهي ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي لاءِ ڪم ڪندا ۽ ان ??ي ضابطو آڻيندا، حڪومت ڪنهن مخصوص پا??ٽي کي سهولت فراهم نه ڪري رهي آهي، سمورين سياسي پا??ٽين سان ??رابر سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪهڙو ملڪ آهي جيڪو بنا پا??پورٽ جي ڪنهن کي سفر جي اجازت ڏي ٿو، آئون رياست پاڪستان ??و حامي آهيان، اميگريشن قانونن تحت اچ وڃ ٿئي ٿي، غيرقانوني غيرملڪي رهندڙن کي انهن جي وطن واپس موڪلڻ جو فيصلو صحيح هو ۽ ايندڙ حڪومت کي ان ??و تسلسل برقرار رکڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته ايران ??و پاڪستان ??ي حملو غلط قدم هو، پوري دنيا پاڪستان ??ي قدم کي ساراهيو، اسان پنهنجي سرحد تي چوڪس رهنداسين، ان ??ملي جي اميد نه هئي، پاڪستان ۽ ايران ??ي وچ ۾ ڪميونيڪشن جي موجوده چينلز کي استعمال ۾ آڻڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان وٽ ايران کي جواب ڏيڻ کانسواءِ ڪو چارو نه هو، ان ??و ڪريڊٽ آرمي چيف ڏانهن وڃي ٿو، پاڪستان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ٿو ۽ حملي جي جواب جو فيصلو به اسان ??و پنهنجو هو، ايران ??و پرڏيهي وزير پاڪستان ??ي دوري تي اچي رهيو آهي. هن چيو ته دهشتگرد تنظيمن سان ??هشتگردن جهڙو سلوڪ ٿيندو، پا??ليامينٽ جي ذريعي قانونسازي جي ذريعي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.
عام چونڊن سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو، نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪري رهي آهي، نگران حڪومت پنهنجا هدف حاصل ڪيا آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج