اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان قانون جي پاسداري ڪندڙ ۽ امن پسند مل?? آهي ۽ سمورن مل??ن خاص طور تي پاڙيسري مل??ن سان دوستاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ ايران جي مفاد ۾ آهي ته اهي پنهنجي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن، جيئن 16 جنوري کان اڳ هئا، پاڪستان ايران پاران سمورن مثبت قدمن جي آجيان ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت نگران وفاقي ڪابينا کي 16 جنوري 2024ع تي پاڪستان تي ايراني حملي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حملي جي تفصيلن سان گڏوگڏ پاڪستان جي ردعمل جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪابينا پاڪ فوج جي اعليٰ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو جنهن پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي جو جواب ڏنو ۽ ان سلس??ي ۾ پوري حڪومتي مشينري متحد ٿي ڪم ڪيو. وفاقي ڪابينا کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان قانون جي پاسداري ڪندڙ ۽ امن پسند مل?? آهي ۽ هو سمورن مل??ن خاص طور تي پنهنجي پاڙيسري مل??ن سان دوستاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران ٻه ڀائر مل?? آهن ۽ انهن جي وچ ۾ تاريخي طور تي ڀائراڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن جن ۾ احترام ۽ محبت آهي. هن چيو ته اهو ??نهي مل??ن جي مفاد ۾ آهي ته اهي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن جيئن 16 جنوري 2024ع کان اڳ هئا. نگران وزيراعظم چيو ته ان سلس??ي ۾ پاڪستان ايران پاران سمورن مثبت قدمن جي آجيان ڪندو.
پاڪستان قانون جي پاسداري ڪندڙ ۽ امن پسند ملڪ آهي، سمورن ملڪن خاص طور تي پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ ايران جي مفاد ۾ آهي ته اهي پنهنجي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی