اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمن تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ قوم بڻائڻ جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ پوليو جي خ??تمي جي مهم جي حوالي سان شعور اجاگر ڪن، محفوظ ۽ روشن مستقبل جي لاءِ صحتمند زندگي اسان جي ٻار?? جو حق آهي، پوليو جي خلاف مهم ۾ عالمي ادارن جي تعاون کي ساراهيون ٿا. اهڙن خيال?? جو اظهار نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پوليو جي خ??تمي بابت قومي علماءِ ڪانفرنس کي خ??ص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان، نگران وزيراعظم جو مذهبي هم آهنگي بابت خصوصي نمائندو طاهر اشرفي ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالم?? جو وڏو انگ پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم چيو ته قرآن ۽ حديث اسان جي رهنمائي جو بهترين ذريعو آهن، قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ اسان کي اجتماعي فيصلا ڪرڻا آهن. هن مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن جي پوليو جي خ??تمي جي مهم جي معاملي تي اجتماع کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته خواهش آهي ته عالم سمورن قومي مسئلن جي حوالي سان ائين کي گڏ ٿين. نگران وزيراعظم چيو ته عالمن جي اتفاق سان ئي عوام ۾ پوليو جي خ??تمي جي مهم جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ٿيندو. هن چيو ته ٻارن جي روشن مستقبل جي لاءِ صحتمند زندگي انه?? جو حق آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان خوش قسمت آهيو?? جو پنهنجي ٻارن جي زندگي جو تحفظ ڪري سگهون ٿا، غزه ۾ ٻار?? جو اجتماعي قتل عام ٿي رهيو آهي، جيڪو انسانيت جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي. مسلمان ڪنهن مذهب يا ان جي پيرو??ار کان نفرت نه ٿا ڪن ۽ سدائين انصاف جي لاءِ اٿي بيهن ٿا. نگران وزيراعظم پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي غيرشرعي سمجهڻ کي بدقسمتي قرار ڏيندي چيو ته عالم اهڙن عنصرن جي خلاف اٿي بيهن، بنا تحقيق جي پوليو جي ڦڙن جي حوالي سان ڪوڙ نه ڦهلايو وڃي. عالم اهڙن ماڻه?? جو محاسبو ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته مسلمان معقول رويو اختيار ڪرڻ وارو هوندو آهي، نامعقول روي?? جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، قرآن مجيد ۾ تحقيق کانسواءِ ڪنهن ڳالهه کي ڦهلائڻ کان منع فرمايو ويو آهي. نگران وزيراعظم علماءِ حق تي زور ڏنو ته اهي علماءِ سو آڏو اٿي بيهن، معاشري جي قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ رهنمائي ڪن ۽ حق ۽ سچ کي سامهون آڻين. نگران وزيراعظم پوليو جي خ??تمي جي لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ واري گڏيل قومن جي پروگرام، بل گيٽس ۽ عالمي ادارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهي ادارا اسان جي ٻارن جي صحت ۽ روشن مستقبل جي لاءِ جيڪا معاونت ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيا آهن ا?? جو اعتراف نه ڪرڻ بدديانتي هوندي ڇو ته پوليو اسان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ خطرو آهي. ان کان اڳ نگران وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خ??وصي نمائندي ۽ پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين طاهر اشرفي چيو ته عالمن اهم قومي مسئلن تي سدائين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، عالم?? جو هي اجتماع پوليو جي خ??تمي جي مهم جي حوالي سان متفق آهي، پوليو ويڪسين ۾ ڪا غيرشرعي ۽ نقصان??ار شيءَ نه آهي ۽ ا?? جو استعمال جائز آهي. هن چيو ته شريعت انساني جانين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي تلقين ڪئي آهي، عالم پوليو جي خ??تمي جي پروگرام جي توثيق ڪن ٿا. صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ڪانفرنس کي خ??اب ڪندي چيو ته نگران وزيراعظم هي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي ڇو ته پوليو جي خ??تمي جي مهم ۾ عالم?? جو انتهائي اهم ڪردار آهي، هن پوليو جي خ??تمي جي مهم جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاو?? جو يقين ڏيارڻ تي ڪانفرنس ۾ شريڪ عالمن جا ٿورا مڃيا. صحت واري نگران وفاقي وزير چيو ته عالمن جي شموليت سان پوليو جي خ??تمي جي مهم وڌيڪ موثر ٿيندي. هن چيو ته پوليو وائرس جي موجودگي جي ڪري پاڪستان کي عالمي سطح ت?? مشڪلاتون درپيش آهن. هن پوليو ورڪرز کي پڻ ساراهيو جيڪ?? مشڪل حالتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. صحت واري سيڪريٽري افتخار شلواڻي چيو ته عالم پوليو جي خ??تمي جي مهم ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ٻار اسا?? جو قومي اثاثو آهن، انهن جي حفاظت اسا?? جو فرض آهي.
عالم سڳورا پاڪستان کي پوليو کان پاڪ قوم بڻائڻ جي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ عوام ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم بابت شعور اجاگر ڪن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن