بيجنگ-19 آڪٽوبر (اي پي پي) چ??ني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ?? روس وچ ۾ توانائي جي ش??بي ۾ تع??ون عملي تع??ون جو نمونو آهي. چ??ني خابرو اداري موجب صدر شي جن پنگ پنجين چين روس انرجي بزنس فورم کي موڪليل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته چين ?? روس وچ ۾ توانائي تع??ون برابري، گڏيل فائدي ۽ عملي تع??ون جو نمونو آهي ۽ ان ٻنهي ملڪن ۽ ايستائين جو دنيا ۾ توانائي جي سلامتي ۽ پائيدار ترقي کي يق??ني بڻائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته مستقبل لاءِ چين اعليٰ معيار جي توانائي جي شراڪتداري قائم ڪرڻ ۽ عالمي توانائي مارڪيٽ جي ڊگهي مدي، صحتمند، مستحڪم ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي شفاف توانائي شراڪتداري جي تعمير کي هٿي ڏيڻ لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. روسي صدر والاديمير پيوٽن به پنجين چين روس انرجي بزنس فورم کي مبارڪن وارو خط موڪليو آهي.
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina