اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسان کي صحافين ۽ سياسي پارٽي جي ترجمانن ۾ فرق ڪرڻو پوندو، جيڪو صحافي سياسي پارٽين ۾ شامل ٿي وڃي اهو صحافي جي حقن جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي. اها ڳالهه هن برطانوي صحافي سڪندر ڪرماڻي سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جيڪو اسان جي حڪومت ۾ گم ٿيو هجي، ان کي گولي هنئي وئي هجي، اغوا ڪيو ويو هجي يا ان جون پاسراٽيون ٽوڙيون ويون هجن. صحافي جي سوال تي هن چيو ته ع??را?? رياض صحافي نه، سياسي پارٽي جو ترجمان آهي، جيڪو صحافي سياسي پارٽين جي ترجماني ڪري يا تشدد کي هوا ڏي ته ان کي انهن صحايفن سان نه ملايو وڃي جيڪي صحافت جي آزادي تي يقين رکن ٿا. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته ع??را?? خان کي ان جي دور ۾ عالمي صحافتي تنظيم ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏ??و جڏهن ته شهباز شريف جي دور ۾ پاڪ??تا?? جي ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ 7 درجا بهتري آئي، ع??را?? خان پنهنجي دور ۾ صحافين کي گرفتار ڪرايو، انهن جو آواز بند ڪيو، انهن جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا، ٽي وي چينلز بند ڪيا جڏهن ته اسان جي دور ۾ سمورا ٽي وي چنلز هلي رهيا آهن، هر اينڪر کي ڳالهه ڪرڻ جي آزادي آهي، ڪنهن جي آو??ز کي ناهي دٻايو ويو، ڪنهن هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جنهن جو آواز دٻايو ويو هجي؟ مريم اورنگزيب چيو ته ڪو ??ه شخص گم ٿيو هجي ته اسان ان جي مذمت ڪئي آهي. ع??را?? رياض جي خلاف عدالتن ۾ ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن. هن چيو ته اسان جي حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي فروغ جي ڪري ئي ميديا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪ??تا?? جي درجابندي ۾ بهتري ٿي آهي.
اسان کي صحافين ۽ سياسي پارٽي جي ترجمانن ۾ فرق ڪرڻو پوندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج