اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد ??هباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو، جتي هو پاڪستان نيوي جي اهتمام هيٺ جاري عالمي گڏيل سامونڊي مشقن جو معائنو ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته گڏيل سامونڊي مشقن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سامونڊي فوجن جا دستا شريڪ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٻن سالن کانپوءِ ٿيندڙ انهن مشقن جو بنيادي مقصد سامونڊي ڌاڙيلن، دهشتگردن، منشيات ۽ هٿ??ار اسمگلرن جي خلاف موثر گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم سامونڊي ڌاڙيلن جي خلاف گڏيل ڪارروائي جو مظاهرو ڏسڻ کانسواءِ ٻين سامونڊي مشقن ۽ پيشيواراڻي مها??تن جو جائزو به وٺندو.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔