اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي وزير شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاران مالي امداد جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو پاڪستان جي عوام سان ان جي بي لوث محبت ۽ انسانيت جي لاءِ درمندي جو ثبوت آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ايثار کي ڪڏهن فراموش نه ڪندي. ان کان اڳ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي ثقافت، نوجوانن ۽ سماجي ترقي واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاڪستان جي ٻوڏ م??اثرين جي لاءِ 10 ملين ڊالر مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي ٻوڏ م??اثرين جيل اءِ انفرادي سطح تي ڏني ويندڙ شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاران ڏني ويندڙ هيستائين جو سڀ کان وڏو عطيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف متاثرين جي فراخدلاڻي مدد تي شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته اهو ان جي پاڪستاني عوام سان بي لوث محبت ۽ انسانيت جي لاءِ درمندي جو ثبوت آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام س??دس ان جذبي کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي، ان سان ٻوڏ م??اثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي ۾ وڏي مدد ملندي. پاڪستاني عوام سان توهان جي محبت ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن جي تاريخ جو سنهري باب آهي.
وزيراعظم پاران گڏيل عرب امارات جي وزير شيخ نهيان بن مبارڪ ال نهيان پاران مالي امداد جي اعلان جي آجيان
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria