اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ سميت ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ملڪ جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ڇنڇر ڏينهن 14 آگسٽ 2021ع تي ملي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ايوان صدر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي ??طح تي تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاڪستان سان والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو ۽ آزادي جي ??حريڪ جي ??ظيم هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيو،
ڏينهن جو آغاز مسجدن ۽ گهرن ۾ ملڪ ۽ قو?? جي ??رقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي ??لامي سان ٿيو. مزار قائد ۽ مزار اقبال تي گارڊن جي ??بديلي جون پروقار تقريبون به منعقد ٿيون، مرڪزي تقريب کان اڳ سائرن وڄايا ويا ۽ هر قسم جي ٽريفڪ روڪجي وئي، اهم سرڪاري ۽ نجي ??مارتن کي بجلي جي ??لبن سان سجايو ويو ۽ هر طرف ساون جهنڊن جي ??هار ڏسڻ ۾ آئي ۽ فضا ملي نغمن جي ڌنن سان گونجڻ لڳي.
ڇنڇر ڏينهن پوري قو?? ملڪ اندر ۽ ٻاهر آزادي جو ڏهاڙو ان عزم کي ورجائڻ سان ملهايو ته ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ اسلامي فلاحي ملڪ بڻائڻ لاءِ تحريڪ پاڪستان جي ??ذبي کان ڪم ورتو ويندو. ڏينهن جو آغاز وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي ??لامي سان ٿيو. ان موقعي تي پاڪستان جي ??لامتي، ت??قي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون ويون، سمورين سرڪاري ۽ نجي ??مارتن تي قو??ي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جهنڊو ڦڙڪائڻ جون اهڙيون ئي تقريبون سڄي ملڪ ۾ صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي به منعقد ڪيون ويون.
سرڪاري ۽ نجي ??مارتن ۽ رستن، بازارن ۽ مارڪيٽن کي شاندار انداز ۾ سجايو ويو، آزادي جي ڏهاڙي جي ??قريبن جي ??لسلي ۾ قو??ي جهنڊا، جهنڊيون پاڪستان جي ??انين ۽ تحريڪ پاڪستان جي هيروز جون تصويرن ۽ بينر هر هنڌ لڳايون ويون. پاڪستان ٽيلي ويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ٻين ميڊيا جي ??ريعن پاران ان ڏينهن جي موقعي تي ڊگهي وقت واري نشريات نشر/ٽيلي ڪاسٽ ڪيون ويون ۽ اخبارن ۾ خصوصي ايڊيشن شايع ٿيا جڏهن ته سوشل ميڊيا به آزادي جي ڏهاڙي جي پيغامن جي ??والي سان خصوصي بينرز سان متحرڪ رهيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي ??قريب کي خطاب دوران چيو ته الله تعاليٰ اسان جي قو?? کي ت??قي يافته ملڪن جي ??ف ۾ بيهڻ جي ??لاحيت سان نوازيو آهي، ڪوڙين خبرن کان بچي ملڪ جي ????قي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، الله تعاليٰ جو لک ٿورو آهي جنهن هند جي مسلمانن کي مشڪلاتن مان ڪڍيو ۽ هڪ قو?? جي ??ور تي آزاد ملڪ ۾ جيئڻ جو حق ڏنو.