اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين ملڪ ۾ عدم برداشت ۽ عدم رواداري جي وڌ??دڙ رجحان ت?? ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو رويو ملڪ جي لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿيندو جنهن جي خراب اثرن کان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي ڪير به بچي نه سگهندو ۽ دهشتگردي جي خلاف قوم جون ڪاميابيون به ناڪامي ۾ بدلجي سگهن ٿيون. صدر اها ڳالهه ملڪ ۾ عدم برداشت جي وڌ??دڙ رجحان ت?? ڏک جو اظهار ڪندي چئي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ آئون انتهائي ڏکويل دل سان پنهنجي قوم کي مخاطب آهيان. آئون محسوس ڪريان ٿو ته ملڪ ۾ عدم برداشت جو جيڪو رجحان شدت پڪڙي رهيو آهي، قوم خاص طور تي نوجوانن کي ان جي تباهي کان خبردا?? نه ڪيو ويو ۽ ان جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏ معاشري جي سمورن طبقن مڪمل هڪ جهڙائي سان تعاون نه ڪيو ته ان جا نتي??ا انتهائي خوفناڪ هوندا.
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔