ڪراچي – 02 آڪٽ??بر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته درست حڪمت عملي ۽ اڻٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ امن امان جي صورتحال تمام گهڻي بهتر ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي پاڪستان ۾ سمورن مذهبن ۽ هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو پوري آزادي سان پنهنجا مذهبي فرض ادا ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه بوهري ب??ادري جي روحاني پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين سان ڳالهائيندي چئي جنهن پنهنجي و??د سان گڏ اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي ب??الي لاءِ سنڌ سميت سمورن صوبن اهم ڪردار ادا ڪيو جيڪو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي سلسلي ۾ نهايت اهم اڳڀرائي آهي.
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha