اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي چيو آهي ته مشهور عالمي ريٽنگ ادارن اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجن جي باوجود پاڪستان جي اقتصادي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافي جو اعتراف ڪيو آهي. هن اها ڳالهه وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري سيڪريٽري، اقتصادي ۽ معاشي واڌويجهه ۽ شرح، قرضن جي صورتحال، مالياتي استحڪام، ايف بي آر پاران ٽيڪس وصولين ۽ ٻاهرئين ملڪن کان ايندڙ مٽاسٽا جي ناڻي، سڌي سنئين غي??ملڪي سيڙپڪاري، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن، ادائيگي جي ??وا??ن، سرڪاري قرض ۽ پاڪستان جي معيشت ۾ نمايان اڳڀر??ئي سميت ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل