اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) پائيدار اقتصادي اوسر واري شرح لاءِ سڄي دنيا جي حڪومتن کي ايندڙ 10 سالن دوران 30 کرب ڊالر جا اض??في وسيلا پيدا ڪرڻا پوندا، ??را??رٽي ٽيڪسز گهٽ آمدني وارن ملڪن کي ترقياتي ايجنڊا جي تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عالمي ماليا??ي فنڊ (آئي ايم ايف) جي رپورٽ مطابق اهي وسيلا تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشتن جي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) جي 4 سيڪڙو جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن جي جي ڊي پي جي 16 سيڪڙو جي برابر آهن. آئي ايم ايف تجويز پيش ڪئي آهي ته اض??في وسيلن جي دستيابي لاءِ مقامي سطح تي ??را??رٽي ٽيڪس کي اثرائتي طور لاڳو ڪرڻ جي قدمن جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي آئي ايم ايف خبردار ڪيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران ٽيڪسز جي شرح ۾ اض??في جي حوالي سان سڌاري سبب ڪجهه ملڪن ۾ سماجي ۽ سياسي مسئلا به پ??دا ٿيا آهن جن کان تحفظ لاءِ سمورن شراڪتدارن جي صلاح سان قدم کڻڻا پوندا ۽ عوام کي به اعتماد ۾ وٺڻو پوندو. پائيدار معاشي ترقي جي وسيلن ۾ اض??في جي سلسلي ۾ رئيل اسٽيٽ ٽيڪسز جو اثرائتو نفاذ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ ٻئي پاسي قومي ٽيڪسن جي شرح وڌائڻ بدران ??را??رٽي ٽيڪس جي موثر نفاذ سان نه رڳو ڪنهن قسم جي سياسي غير يقيني جي صورتحال کان بچي سگهجي ٿو پر مقامي سطح تي ??را??رٽي ٽيڪس جي وصولي ۽ ترقياتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. آئي ايم ايف وڌيڪ چيو ته ملڪيت تي ٽيڪس جو اثرائتو نفاذ مقامي حڪومتن جي آمدني ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. جنهن سان مقامي حڪومتون شهري آبادين جي مسئلن جي خاتمي ۽ ترقياتي هدف کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. عالمي ماليا??ي فنڊ جي رپورٽ مطابق ??را??رٽي ٽيڪس جي اثرائتي نفاذ لاءِ جديد ٽيڪنالوجيز مان فائدو کڻي سگهجي ٿو جڏهن ته پاليسي ريفارمز به گهٽ آمدني وارن ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن جي آمدني وسيلن ۾ اض??في کي يقيني بڻائي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ مقامي سطح تي بنيادي ڍانچي جي ترقي سان زندگي جي معيار ۾ به اضافو ٿيندو.
پراپرٽي ٽيڪسز گهٽ آمدني وارن ملڪن جي ترقياتي ايجنڊا جي تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا: آئي ايم ايف
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena