گڏيل ق??مون- 19 نومبر (اي پي پي) گڏيل ق??مون جي ٻن امدادي ادارن ٻڌايو آهي ته فلسطينين لاءِ خوراڪ کڻي ويندڙ 100 ٽرڪن کي غزه ۾ داخل ٿيڻ بعد ڦريو ويو آهي. وائيس آف آمريڪا مطابق فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل ق??من جي اداري يو اين آر ڊبليو اي جي سينيئر ايمرجنسي آفيسر لوئس واٽريج ??يو ته يو اين آر ڊبليو اي ۽ ورلڊ فو?? پروگرام طرفان فراهم ڪيل خوراڪ کڻي ويندڙ قافلي کي اسرائيل مختصر نوٽيس تي ڪيرم شلوم بارڊر ڪراسنگ جي اڻڄاڻ رستي کان روانو ٿيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته 16 نومبر تي قافلي جي 109 ٽرڪن مان 98 تي حملو ڪيو ويو ۽ ڪجه ٽرانسپورٽر ان واقعي ۾ زخمي پڻ ٿيا آهن. پر هنن اها وضاحت ??اه?? ڏني ته اهو حملو ڪنهن ڪيو. هن خوراڪ جي بحران جي شديد صورتحال طرف اشارو ڪندي ٻڌايو ته جيڪڏهن فوري مداخلت نه ڪئي وئي ته خوراڪ جي پهريان کان وڌيڪ کوٽ ٿي سگهي ٿي. ان بحران ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي، جيڪي زنده رهڻ لاءِ انساني همدردي جي امداد تي دارو مدار رکن ٿا. ورلڊ فو?? پروگرام جي ترجمان ڦرلٽ ج?? تصديق ڪندي چيو ته غزه جا ڪيترائي رستا هن وقت سيڪيورٽي مسئلن سبب پهچ جوڳا ??اه??.
غزه ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ 100 ٽرڪون ڦرجي ويون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز