ايناپولس-07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪ?? بنگلاديش جي عبوري حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي، ته اها جمهوري اصولن جو احترام ڪري. هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بنگلاديش جي عبوري حڪومت کي پنهنجي فيصلن ۾ جمهوري اصولن جو احترام، قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۽ عوامي خواهشن جي عڪاسي ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته آمريڪا جي دوري تي آيل آسٽريلوي پرڏيهي وزير پيني ووگ به بنگلاديش ۾ سمورين ڌرين کي تشدد کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. آمريڪي رياست ميري لينڊ جي شهر ايناپولس ۾ آمريڪي نيول اڪيڊمي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آسٽريلوي وزير چيو ته اسا?? بنگلاديش ۾ سمورين ڌرين کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو انساني حق?? جو احترام ڪن. تازن واقعن جي مڪمل، آزاد ۽ غير جانبداراڻي جاچ تي زور ڀريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ