نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران والاريل ڪشمير ۾ قتلام جو خدشو ظاهر ڪندي دنيا کي خبردار ڪيو ??هي ته خطي ۾ ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال کان اڳ دنيا کي آگاهه ڪرڻ چ??هي??ن ٿو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو هٽڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، ان جي ذميوار عالمي برادري هوندي?? هي وقت ??هي ته سلامتي ڪائونسل ڪشمير جي سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪري، گڏيل قومن جي 11 قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃ??، ڪو به شعور وارو شخص ائٽمي جنگ بابت سوچي به نه ٿو سگهي، ٻنهي طرفن کان ڪو به غلط اندازو خطي کي تباهي طرف وٺي وڃي سگهي ٿو، حيران آهيان ته 80 لک انسانن جي قيد ٿيڻ تي دنيا ڪيئن خاموش آهي، منهنجو سدائين موقف رهيو ??هي ته جنگ افغان مسئلي جو حل نه آهي، افغان حڪومت طالبان سان ڳالهيون ڪري ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، ترڪ صدر پاران جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير مسئلو اٿارڻ تي ان جو ٿورائتو آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 74 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
ڪشمير ۾ ڪرفيو هٽڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا