اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) روينيو واري مملڪتي وزير حماد اظهر چيو آهي ته موجوده حڪومت جي پهرين 6 مهينن دوران روانگي واپار ۾ اضافو، آمدني وا??ار?? ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ واپاري خساري ۾ گهٽتائي ٿي آهي، مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومت گردشي قرض 400 ارب روپين مان 1400 ارب روپين تائين پهچائي ڇڏيو، گذريل 10 سالن دوران واڌ جي شرح سڀ کان گهٽ رهي ۽ قرض سڀ کان وڌيڪ ورتا ويا، آخري ٻن ٽن سالن ۾ 25 ارب ڊالر جا قرض ورتا وي??، معيشت کي مستحڪم بنائڻ جي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوند??، معاشي استحڪام جي قدمن جا اثر ع??ام جي سامهون جلد اچڻ شروع ٿي ويندا، سرڪاري ادا??ن جي نيئن سر جوڙجڪ ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ جي اجلاس جي دوران سينيٽر شيري رحمان جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن