اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو صرف طاقت جي استعمال سان نٿو ڪري سگهجي پر ان لاءِ ضروري آهي ته زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ?? پاڪستان جون ڪاميابيون تاريخي آهن، ٻيا ملڪ پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ?? تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، هن اها ڳالهه اسلام آباد ۾ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي جي اهتمام هيٺ عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئ??. ا?? موقعي تي پارليامينٽ جي ميمبرن، پاڪستان ۽ پرڏيهي مان آيل ماهرن جو هڪ وڏو انگ موجود هو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ