اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر ا??حاق ڊار جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ پنهنجي مٿان هنيل سمورن الزامن کي ??د ڪندي چئلينج ڪيو آهي ته مون وٽ 2008ع تائين مالي معاملن جو سمورو رڪارڊ، ٽيڪس ريٽرنز موجود آهن، سپريم ڪورٽ جيڪڏهن چاهي ته منهنجي مالي معاملن جي آڊٽ جي لاءِ ڪنهن به عالمي فرم جون خدمتون حاصل ڪري سگهي ٿي، آئون پهرين ڏينهن کان وٺي 30 جون 2017ع تائين هر شيءَ جو جواب ڏئي سگهان ٿو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ وزيراعظم جي خصوصي معاون بيريسٽر ظفرالله سان گڏ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر ا??حاق ڊار چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ حتمي نه آهي، رپورٽ ۾ تمام گهڻيون رڪاوٽون ۽ ڪيتريون ئي خاميون موجود آهن، اسان جي ليگل ٽيم رپورٽ جو سمورن رخن کان جائزو وٺي رهي آهي. هن چيو ته عوام جو مينڊيٽ کڻي آيا آهيون، اسان کي ??ن مينڊيٽ جي لڄ رکڻي آهي، پاڪستان سڀني جو آهي، اسان کي ??يندڙ نسلن کي ??ساب ڏيڻو آهي ته جيئن انهن کي ??اوقار، پرامن ۽ خوشحال بڻائي ڇڏي سگهون.
جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ سمورن الزامن کي رد ڪريان ٿو: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا