حيدرآباد – 27 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف حيدرآباد ۾ عالمي هوائي اڏو ۽ يونيورسٽي تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين شهرن وانگر حيدرآباد ۾ به ميٽرو بس سروس شروع ڪئي ويندي، عوام ووٽ گهرڻ لاءِ ايندڙن کان پڇي ته انهن عوام جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ۽ هو ڇا جي لاءِ ووٽ گهرڻ آيا آهن؟ 2008ع کان پهرين مشرف جي حڪومت هئي ۽ پوءِ 2013ع تائين پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي، اها ترقي ان ??ور ۾ ڇو ناهي ٿي. ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندڙ ڪارڪنن جي جوش ?? جذبي کي ساراهيندي چيو ته وٽس انهي جوش ?? جذبي جي ساراهه لاءِ لفظ نه آهن. هن چيو ته آئون ڪارڪنن کي دل جي گهراين سان ??لام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته جڏهن هو ڪنوينشن ۾ شرڪت جي لاءِ هتي اچي رهيو هو ته رستي ۾ ڪيترائي نوجوان ۽ اسان ??ون ڀينرون واپس وڃي رهيا هئا ۽ هتي ڪافي رش هئي ۽ تمام گهڻا ماڻهو گڏ هئا، جنهن سبب اهي ماڻهو مجبور ٿي واپس وڃي رهيا هئا ۽ مون کي تمام گهڻو افسوس ٿي رهيو هو ته اهي جاءِ نه هجڻ سبب واپس ويا انهن سڀني کان معذرت ڪريان ٿو، آئون ٻيهر حيدرآباد ايندس ۽ انهن سڀني سان ملندس ۽ انهن سان ??ل جون ڳالهيون ڪندس پر اڄ پروگرام موجب طئي هو ته اڄ اسان هتي ڪنوينشن جي شڪل ۾ توهان ??ان ڳالهايون.
وزيراعظم پاران حيدرآباد ۾ عالمي هوائي اڏو ۽ يونيورسٽي تعمير ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria