اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ??ئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته نوجوان اسان جو اثاثو آهن، اسان جو نوجوان نسل تمام گهڻو باصلاحيت آهي، ان کي صحيح رخ تي هلائي ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪري سگهجي ??و، نوجوان نسل حضرت محمد صه جي تعليم تي عمل ڪندي هڪ سٺي مسلمان ۽ خوداحتسابي سان پنهنجو پاڻ کي صحيح ڪري هن معاشري کي صحيح راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هو پاڪستان پازيٽو، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي حصيداري سان ٻن ڏينهن واري ينگ ليڊرز سمٽ دوران شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ سڄي ملڪ جي ??ختلف حصن مان شاگرد ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. پازيٽو پاڪستان جي صدر عابد اقبال گهاري ٻن ڏينهن واري سمٽ جي افتتاح کانپوءِ تعارفي ويهڪ ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن سان تعارف ڪرايو ۽ شرڪت ڪندڙن کي پازيٽو پاڪستان جي ??يزن 2017ع بابت آگاهه ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايم ڊي مسعود ملڪ چيو ته اڄ جي دور ۾ نئين نسل جي ??ثبت سوچ سڀ کان اهم ترين ڪم آهي، ان جي ??اءِ حڪومت سان گڏوگڏ پازيٽو پاڪستان جهڙين تنظيمن ۽ ٻين ڌرين کي پڻ ان نوعيت جي ??ورمن جي ??راهمي ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته پازيٽو پاڪستان اسان جي ??وجوانن ۾ مثبت سوچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪري ره?? آهي.
اسان جو نوجوان نسل تمام گهڻو باصلاحيت آهي: مسعود ملڪ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ