واشنگٽن-12 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چين جي صد?? شي جن پنگ کي ايندڙ مهيني پنهنجي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ج?? دعوت ڏني آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ٽرمپ چونڊن کان فورن پوءِ نومبر جي شروعات ۾ صد?? شي جن پنگ کي جنوري 2025ع ۾ پنهنجي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت ج?? دعوت ڏني هئي جڏهن ته اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته چيني صدر دعوت قبول ڪئي آهي يا نه، رپورٽ موجب آمريڪي عملدارن 20 جنوري تي ٿيندڙ حلف برداري واري تقريب ۾ پرڏيهي شخصيتن جي شرڪت لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا آهن، ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيم موجب صدارتي حلف برداري واري تقريب ۾ وڌيڪ پرڏيهي اڳواڻن کي شرڪت ج?? دعوت ڏئي سگهجي ٿي. جڏهن ته فرانسيسي رسالي کي انٽرويو ڏيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته منهنجو خيال آهي ته اسان کي يوڪرين جو مسئلو روس سان گڏ حل ڪرڻو پوندو. ان سوال جي جواب ۾ ته ٻيون ڀيرو آمريڪا جي صدر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ بين الاقوامي سياست ۾ سندس ??هرين ترجيح ??ا هوندي؟ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته روس ۽ يوڪرين ٻئي ملڪ وڏي تعداد ۾ جاني نقصان برداشت ڪري رهيا آهن جو ڪنهن کي به يقين نٿو اچي. ان جنگ ۾ ٻنهي پاسن جا ڪيترائي فوجي مارجي رهيا آهن. پنهنجي موقف جي وضاحت ڪندي ٽرمپ چيو ته ظاهر آهي ته وچ اوڀر جي صورتحال به هڪ وڏي ترجيح آهي، پر منهنجي راءِ ۾ وچ اوڀر جي صورتحا?? روس ۽ يوڪرين جي بحران جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڏکئي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ پاران چين جي صدر کي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت، پهرين ترجيح يوڪريني بحران جو خاتمو آهي: ٽرمپ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین