گڏيل قومون – 26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جي آجيان ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هو ڊگهي انتظار کان پوءِ منظور ٿيل ٺهراءَ تي گڏيل قومن پاران عملدرآمد ڪرائڻ چاهين ٿا. گڏيل قومن ۾ پاڪستان ج?? مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏين??ن سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جي منظوري جي حوالي سان اي پي پي کي ٻڌايو ته اسان گڏيل قومن ج?? چارٽر جي آرٽيڪل 25 مطابق سلامتي ڪائونسل جي ان ٺهراءَ تي فوري طور عملدرآمد جو مطالبو ڪيون ٿا. ان چارٽر جي آرٽيڪل جي شرطن تحت گڏيل قومن جا ميمبر ملڪ 15 رڪني ڪائونسل جي فيصلن تي عملدرامد ڪرڻ تي متفق آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته غزه ۾ اسرائيل جي وحشياڻي مهم کي روڪڻ لاءِ هي پهريون قدم هئڻ گهرجي. پاڪستان ج??ن 1967ع کان پهرين ج?? سرحدن تي ٻڌ?? هڪ محفوظ، عمل جوڳي ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام ذريعي هڪ منصفاڻي، جامع ۽ جٽادار حل لاءِ فعال طور ڪم ڪندو رهندو، جنهن ج?? گادي وارو هنڌ القدس الشريف هو. سومر ڏين??ن سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ ۾ رمضان المبارڪ ۾ فوري جنگ بندي ۽ غزه م امداد جي فراهمي کي وڌائڻ جي فوري ضرورت جو مطالبو ڪيو ويو. ٺهراءَ جي حمايت ۾ 14 ووٽ پيا جڏهن ته آمريڪا ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو هو. 30
پاڪستان پاران سلامتي ڪائونسل جي غزه جنگبندي واري ٺهراءَ جي آجيان، عملدرآمد جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : گرم گرم