واشنگٽن-19 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ چين جي نمائندي زي فينگ چيو آهي ته ٻنهي ملڪن کي تاريخ، عوام ۽ دنيا لاءِ پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي ۽ پنهنجي لاڳاپن لاءِ روشن مستقبل جي شروعات ڪرڻ گهرجي. هن چيني ??فارتخاني ۾ چين آمريڪا سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 45 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي چ??و ته گذريل 45 سالن ۾ چين ۽ آمريڪا گڏيل لاڳاپن کي اڳتي وڌ??يو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن ۽ دنيا کي فائدو پهچي رهيو آهي. هن چ??و ته تاريخ ثابت ڪيو آهي ته هڪٻئي سان اختلاف رکڻ ٻنهي ملڪن لاءِ بهتر ناهي ۽ تڪرارن سان ٻنهي ڌرين لاءِ برداشت نه ڪرڻ جوڳا نتيجا نڪرندا. هن چ??و ته ٻنهي ملڪن لاءِ درست رخ ۾ هلڻ ۽ هڪٻئي سان ڪم ڪرڻ ضروري آهي. هن چ??و ته چين جي ا??لين ترجيح ٻنهي ملڪي سربراهن وچ ۾ طئي ٿيل اهم گڏيل مفاهمت جو احترام ڪرڻ ۽ مستحڪم ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چ??و ته ٻنهي ڌرين کي تاريخ مان سبق سکڻ ۽ هڪ ??ئين سرد جنگ خلاف چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته ٻنهي ملڪن کي ذميواري سان ڪم ڪرڻ، فلسطيني ??سرائيل تڪرار ۽ يوڪرين جي بحران جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار، ماحولياتي تبديلي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن چئلينجن ۾ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي.
آمريڪا ۽ چين کي تاريخ، عوام ۽ دنيا لاءِ پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي: چيني نمائندو
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa