تهران-19 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران جي صدر ابراهيم رئيسي غزه جي اسپتال تي حملي جي جواب ۾ اسرائيل کي اسلامي دنيا طرفان سخت انقام کان خبردار ڪيو آهي. وچ تهران ۾ هزارين ??اڻهن جي مظاهري دوران ڳالهائيندي هن چيو ته اسپتال ۾ حملي سان صيهوني حڪو??ت جو خا??مو شروع ٿي ويندو. فلسطيني جي رت جو هر ڦڙو صيهوني حڪومت کي پنهنجي زوال طرف وٺي وڃي رهيو آهي، ابراهيم رئيسي چيو ته آمريڪا اسرائيل جي ڏوهن ۾ ان جو ساٿي آه??، دنيا جا ماڻهو آمريڪا کي صيهوني حڪو??ت جي ڏوهن جو ساٿي سمجهن ٿا، غزه ۾ صحت جي عملدارن موجب الاهي عرب اسپتال تي اسرائيل جي حملي ۾ سوين ??اڻهو شهيد ٿيا آهن، 7 آڪٽوبر کان شروع ٿيل جنگ ۾12 ڏينهن دوران لڳ ڀڳ 3500 فلسطيني شهي?? ۽ 1400 اسرائيلي مارجي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena