اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي (اي اي ايس اي) پاران پي آءِ اي تان پ??بندي هٽائڻ کي خوشخبري قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ??ان يورپ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي راهه هموار ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته خاموشي سان محنت ڪر??و، توهان ??ي ڪاميابي پاڻ ڳالهائيندي، الحمدالله پاڪستان ??ي لاءِ و??ي خوشخبري آهي، يورپي يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي (اي اي ايس اي) پي آءِ اي تان پ??بندي هٽائي ڇڏي آهي جنهن سان يورپ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي راهه هموار ٿي وئي آهي. هن چيو ته آئون هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ سندس پوري ايوي ايشن/ پي آءِ اي ٽيم کي ان ??لسلي ۾ اڻٿڪ ڪوششن تي خصوصي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهو عمل 2022ع ۾ پي ڊي ايم حڪومت دوران ??ن وقت جي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي قيادت ۾ اهم ڪوششن سان ??روع ڪيو ويو هو، هي قوم جي لاءِ قابل فخر لمحو آهي.
وزيراعظم پاران يورپي يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي پاران پي آءِ اي تان پابندي هٽائڻ خوشخبري قرار
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن