اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي پرڏيهي وزير سبر??من??م جي شنڪر شنگهائي تعاو?? تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شه??از ش??يف?? نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان حڪومت پاران مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ جي شنڪر چيو ته اسلام آباد مان روانو ٿي رهيو آهيان. ”آئون وزيراعظم محمد شه??از ش??يف?? نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان جي حڪومت جي مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪريان ٿو.“ واضح رهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر اڱاري ڏينهن پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد پهتو هو جتي هن شنگهائي تعاو?? تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي. هن اسلام آباد مان روانو ٿيڻ جي پنهنجي تصوير پڻ شيئر ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل