اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز جي دعوت تي ملائيشيا جو وز??راعظم پنهنجي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وز??راعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وز??راعظم داتوسري انور ابراهيم جو نور خان ايئربيس پهچڻ تي ??ان??ار استقبال ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد پهچڻ تي پاڪ فوج جي دستي ملائيشيا جي وز??راعظم کي سلامي ڏني. ملائيشيا جي وز??راعظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. روايتي لباس پهريل ٻارن ملائيشيا جي وز??راعظم کي گل پيش ڪيا. نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار، ڪامرس وارو وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ پڻ وز??راعظم سان گڏ استقبال ۾ شريڪ هئا. ملائيشيا جو وز??راعظم داتوسري انور ابراهيم دوري دوران وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. ملائيشيا جو وز??راعظم داتوسري انور ابراهيم صدر آصف علي زرداري سان پ?? ملاقات ڪندو. دوري دوران پاڪستان ملائيشيا ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿيندي. ملائيشيا جي وز??راعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو آهي. وفد پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي لاءِ ملائيشيا جو وز??راعظم پاڪستان – ملائيشيا بزنس فورم ۾ شرڪت پڻ ڪندو.
ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج