اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته روس فرٽيل??ئي??ر پلانٽس کي جديد بڻائڻ ?? پاڪستان جي مدد ڪندو، پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ پي خوريو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ روس فرٽيل??ئي??ر پلانٽس کي جديد بنائڻ ۽ زرعي تعاون تي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ڪندا. ملاقات ۾ صنعتي، زرعي ۽ اقتصادي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته روس سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ جديد زرعي مشينري جي ضرورت آهي، روس جي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سهول?? فراهم ڪئي ويندي. روس جي سفير چيو ته روس پاڪستان کي جديد زرعي مشينري فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان مان زرعي ماهر روس جو دؤرو ڪن.
پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو: رانا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena