اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائ?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزارت عظميٰ جي عهدي ت?? ٻيهر چونڊج?? تي مبارڪباد ڏيندي ازبڪ پرڏيهي وزير ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ساڻس ملاقات جو منتظر آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائ?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان سان ٻطرفي واپار ۽ ٻين منصوبن کي ت??زي سان مڪمل ڪرڻ جي ??اء?? پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ازبڪستان کي پاڪستاني بندرگاهن تائين پهچ ڏيڻ جي ??اء?? گڏيل مشاورت سان هڪ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي ان جي جلد تڪميل جي ??اء?? پاڪستان جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی