اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چ??و آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چ??ئرمين اعتراف ڪيو آهي ته ”دي اڪا??وم??ٽ“ ۾ شايع ٿيندڙ مضمون هن ناهي لکيو، اهو مضمون مصنوعي ذهانت (اي آئي) سان تيار ڪيو ويو هو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته موجوده پي ٽي آءِ چيئرمين ان مضمون جي رياست مخالف ۽ آمريڪا مخالف مواد جي توثيق ناهي ڪئي، سمنڊ پار پي ٽي آءِ ڪجهه اڌاکري اينڪرز ۽ دي اڪا??وم??ٽ (اي آئي) جي هڪ فريب ڪاري تي دُهل وڄائي رهيا آهن. اطلاعا?? ۽ ??ارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل خبر جو لنڪ به شيئر ڪيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چ??ئرمين کان سومر ڏينهن اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۽ ??وش?? خانه ريفرنس جي جيل اندر ڪارروائي جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافين ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو ويو آهي. خبر موجب پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چ??ئرمين صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران انڪشاف ڪيو ته سندس نالي سان منسوب دي اڪا??وم??ٽ ۾ شايع ٿيندڙ آرٽيڪل اصل ۾ مصنوعي ذهانت آئي اي سان تيار ڪيل آهي.
پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين اعتراف ڪيو آهي ته دي اڪانومسٽ ۾ شايع ٿيندڙ مضمون هن ناهي لکيو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک