ڪوهاٽ – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ??هي ته جديد تعليم اسان جي ترجيح آهي، تعليم يافته نوجوان قوم جو مستقبل آهن، استادن جو تعليمي نظام ۾ انتهائي اهم ڪردار آهي، شاگردي واري دور ۾ گذاريل وقت شاگردن کي مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي 58 هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ??ه ڪيڊٽ ڪاليج جي 58 هين والدين جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت ۽ نوجوان ڪيڊٽس کي مخاطب ٿيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. شاگردي واري وقت ۾ گذاريل وقت اسان کي مستقبل جي لاءِ تيار ڪري ٿو. جديد تعليم خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪنهن به قوم جي ترقي جي ضمانت آهي. اسان کي پاڻ کي جديد تعليم سان ليس ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. نگران وزيراعظم چيو ??ه استاد تعليمي نظام ۾ انتهائي اهم حيثيت رکن ٿا. والدين تي به انتهائي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. نگران وزيراعظم چيو ??ه ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ سدائين بهترين نتيجا ڏنا آهن. نگران وزيراعظم چيو ??ه هي ڪاليج منهنجو مادر علمي رهيو ??هي. آئون 1984ع ۾ بلوچستان جي هڪ پٺتي پيل علائقي مان تعليم جي لاءِ هن ڪاليج ۾ آ??س. ??ئون زندگي ۾ اڄ هن ??قام تي پهتو آهيان ته ان جو ڪريڊٽ منهنجي هن ??ادر علمي جي استادن ڏانهن ??ڃي ٿو. نگران وزيراعظم ڪيڊٽس کي تلقين ڪئي ته اهي محنت، ايمانداري ۽ لگن سان اڳتي وڌندا وڃن، انهن جي لاءِ زندگي ۾ چئلينجز هوندا، مشڪليون اينديون پر ڪاميابي انهن جو مقدر هوندي. نگران وزيراعظم چيو ??ه هڪ سٺو انسان بڻجڻ ئي زندگي جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. تقريب کي خطاب دوران نگران وزيراعظم جيڪو ڪيڊٽ ڪاليج مان فارغ ٿيل آهي، هن ??نهنجي مادر علمي جي ڪيترن ئي استادن جو نالو کڻي ذڪر ڪيو ۽ انهن کي ياد ڪندي نگران وزيراعظم روئڻهارڪو ٿي ويو. نگران وزيراعظم چيو ??ه مون ۾ اڄ جيڪو ڪجهه بهتر آهي ان جو سهرو منهنجي استادن ڏانهن ??ڃي ٿو. ان کان اڳ پرنسپل برگيڊيئر (ر) طفيل محمد خان چيو ??ه ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ سدائين بهترين نتيجا ڏنا آهن ۽ بورڊ امتحانن ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي آهي. ان کانسواءِ هم نصابي سرگرمين ۾ پڻ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ??هي. ڪاليج جي فارغ ٿيندڙ شاگرد مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا اهن. نگران وزيراعظم ڪيڊٽس جي پريڊ جو معائنو ڪيو. نگران وزيراعظم کي ڪيڊٽس جي دستي سلامي ڏني. هن چيمپيئن شپ جو جهنڊو رستم هائوس جي حوالي ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين بورڊ آف گورنر ميجر جنرل ذوالفقار علي ڀٽو پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم ڪيڊٽس پاران گهوڙي سواري، نيزه بازي ۽ جمناسٽڪس جو مظاهرو پڻ ڏٺو. نگران وزيراعظم نصابي ۽ هم نصابي سرگرمين ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪيڊٽس ۾ انعام و??هايا جڏهن ته ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي پرنسپل نگران وزيراعظم کي ڪاليج جو سووينيئر پيش ڪيو.
جديد تعليم اسان جي ترجيح آهي، تعليم يافته نوجوان قوم جو مستقبل آهن، استادن جو تعليمي نظام ۾ انتهائي اهم ڪردار آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت