اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) حڪمران پارٽين جي سربراهن وزيراعظم محمد شهباز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ان جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ درپيش صورتحال ۾ سمورن فيصلن جو اختيار وزيراعظم کي ڏنو، ??جل??س ۾ موجوده حڪومت جو آئ??ني مدو مڪمل ٿيڻ تي هڪ ئي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو متفقه فيصلو ڪيو ويو، ??جل??س ۾ سپ??يم ڪورٽ ??ي فيصلي ۾ وزيراعظم جي اڪثريت وڃائڻ بابت آبزرويشن، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ ٻين آڊيوز جي اندر ملڪ ۾ مارشل لاء لڳائڻ جي غيرجمهوري سوچ جي پڻ سخت مذمت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حڪمران پارٽين جي سربراهن جو اعليٰ سطح جو اهم مشاورتي ??جل??س وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??جل??س جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ??جل??س جي شروع ۾ مذهبي معاملن واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ??جل??س مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ??جل??س سي ٽي ڊي ٿاڻي ڪبل سوات جي سانحي تي افسوس ۽ گهرڀاتين سان تعزيت ڪندي دهشتگردي جي خلاف جنگ جي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي صبر لاءِ پڻ دعا ڪئي. ??جل??س دهشتگردي جي خاتمي ۽ ملڪي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ??جل??س ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ خاص طور تي سپ??يم ڪورٽ ??ي تڪراري ۽ هڪطرفي بئنچ جي فيصلن سان پيدا ٿيندڙ معاملن تي مشاورت ڪئي وئي جڏهن ته موجوده حڪومت جو آئ??ني مدو مڪمل ٿيڻ تي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان اڳ کان جاري مشاورتي عمل کي اڳئين مرحلي ۾ وٺي وڃڻ، ان ڏس ۾ قائم ڪيل ڪميٽي جي مشاورت ۽ ٻين سياسي رابطن جي ڏس ۾ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ٿيو. ??جل??س متفقه فيصلو ڪيو ته موجوده حڪومت جو آئ??ني مدو مڪمل ٿيڻ تي هڪ ئي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ بنيادي نقطا آهن، جيڪا به حڪمت عملي طئي ٿيندي، ان جو بنياد اهي ئي ٻه نقطا هوندا. ??جل??س وزيراعظم شهباز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ان جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ درپيش صورتحال ۾ سمورن فيصلن جو اختيار وزيراعظم جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ??جل??س چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جيڪو به فيصلو ڪندو، اتحاد جون سموريون پارٽيون ان جو ڀرپور ساٿ ڏينديون. ??جل??س واضح ڪيو ته ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن شفاف، آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي چونڊون منعقد ڪرڻ بابت حڪمران پارٽيون پنهنجي اندر سياسي مشاورت جو عمل اڳ کان ئي شروع ڪري چڪيون آهن ۽ اها نشاندهي ڪن ٿيون ته ان نج سياسي معاملي ۾ سپ??يم ڪورٽ ??و پنچائت جو ڪردار غيرمناسب آهي، چونڊن جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، افهام تفهيم يا اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جو عمل سياسي پارٽين جو مڪمل دائره ڪار آهي جنهن کي اهي سالن کان بخوبي ۽ ڪاميابي سان ادا ڪنديون اچي رهيون آهن. اتفاق راءِ سان ??جل??س ان معاملي کي انهي دائري ۾ رکڻ تي اتفاق ڪيو. ??جل??س سپ??يم ڪورٽ ??ي 19 اپريل جي فيصلي تي پڻ غور ڪندي ان تي افسوس جو اظهار ڪيو ته سپ??يم ڪورٽ ??ف پاڪستان آئ??ني طريقيڪار کي پٺتي وجهندي ٻيهر حڪم جاري ڪري ڇڏيو ته وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ رقم جاري ڪري جيڪو آئ??ن ۾ ڏنل اسڪيم سان ٽڪراءُ آهي. سپ??يم ڪورٽ ??ي فيصلي ۾ ان آبزرويشن تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو ويو ته وزيراعظم ايوان جي اڪثريت ۽ اعتماد وڃائي چڪو آهي. اها آبزرويشن پارليامينٽ ۽ وزيراعظم جي توهين جي برابر ۽ مذمت جوڳي آهي. سپ??يم ڪورٽ پارليامينٽ ۽ ايوان جي راءِ جو احترام ڪري. پارليامينٽ ??زيراعظم سان گڏ بيٺل آهي ۽ ان تي مڪمل اعتماد ڪري ٿو. ??جل??س سپ??يم ڪورٽ ??ي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار، وڪيل خواجه طارق رحيم ۽ ان جي گهرواريءَ بابت سامهون ايندڙ آڊيوز تي پن غور ڪيو ۽ انهن ۾ سامهون ايندڙ ڳالهه ٻولهه جي نقطن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. ان ڳالهه ٻولهه سان سازش پڌري ٿي وئي آهي. ??جل??س قرار ڏنو ته انهن آڊيوز ان تاثر کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي ته فيصلا آئ??ن موجب نه پر ذاتي عناد، پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ٿي رهيا آهن. ??جل??س آڊيوز جي اندر ملڪ ۾ مارشل لاء لڳائڻ جي غيرجمهوري سوچ جي پڻ شديد مذمت ڪئي. اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ خواجه طارق رحيم اڳ ۾ ئي 25 اپريل تي منظرعام تي ايندڙ آڊيو سان سامهون ايندڙ ڳالهه ٻولهه کي تسليم ڪري چڪا آهن جنهن کانپوءِ ڪو شڪ نه ٿو رهي ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار هڪ چونڊيل وزيراعظم ۽ چونڊيل جمهوري اتحادي آئ??ني حڪومت جي خلاف سازش جو مرتڪب ٿيو آهي. هڪ چونڊيل وزيراعظم کي توهين عدالت جي جعلي، غيرآئيني ۽ غيرقانوني ڪارروائي جي ذريعي عهدي تان هٽائڻ هڪ سنگين ۽ ناقابل معافي ڏوهه آهي. ??جل??س قرار ڏنو ته انهن آڊيوز جي سامهون اچڻ کانپوءِ ٽي ۽ 8 رڪني بئنچ جي تڪراري فيصلن جي پٺيان اصل عوامل وڌيڪ واضح ٿي سامهون اچي چڪا آهن. ان ڏس ۾ پارليامينٽ جي قراردادن تي عملدرآمد ڪيو وڃي.
حڪمران پارٽين جي سربراهن پاران وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار، حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ، درپيش صورتحال ۾ سمورن فيصلن جو اختيار وزيراعظم حوالي، اجلاس ۾ موجوده حڪومت جو آئيني مدو مڪمل ٿيڻ تي هڪ ئي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو متفقه فيصلو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات