اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان هر شيءَ جو الزام جنرل باجوه تي ??ڻي ٿو، هو جواب ڏي ته ڇا هو رڳو هيليڪاپٽر جي سير لاءِ وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ??يٺو هو؟ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته ڇا 2018ع ۾ حڪومت باجوه ٺاهي هئي؟ عالمي سازش باجوه ڪئي؟ توشه خانه جون گهڙيون باجوه جي چوڻ تي چوري ڪيون؟ عدت ۾ شادي باجوه جي چوڻ تي ڪئي؟ مل?? رياض کان هيرا، زمينون پنڪي باجوه جي چوڻ تي رشوت ۾ ورتيون؟ سي پيڪ باجوه جي چوڻ تي روڪيو؟ معيشت تباهه، آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورزي باجوه جي چوڻ تي ڪئي؟ هن چيو ته ڇا مير جعفر کي ايڪسٽينشن ۽ ٻي ايڪسٽينشن جي آفر باجوه جي چوڻ تي ڏني؟ بوزدار ۽ پرويز ??لاهي کي وڏو وزير باجوه جي چوڻ تي ??نيو؟ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون باجوه جي چوڻ تي ??وڙيون؟ هن چيو ته عمران خان رڳو پنهنجي مرضي سان 55 رپين ۾ بني گالا کان وزيراعظم هائوس هيليڪاپٽر جو سير ڪندو هو؟.
عمران خان هر شيءَ جو الزام جنرل باجوه تي هڻي ٿو، هو جواب ڏي ته ڇا هو رڳو هيليڪاپٽر جي سير لاءِ وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺو هو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش