اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 9 اپريل آچر ڏينهن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آ??ي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي ??يڪ??ن (1) 57 تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو. صدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ چيو آ??ي ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ جي ??يڪ??ن (2) 57 تحت اليڪشن جو پروگرام جاري ڪيو وڃي. صدر چيو ته هن آئين تحت آئين جي تحفظ ۽ دفاع جو حلف کنيو آ??ي جيئن ته ڪنهن به عدالتي فورم پاران ڪو منع نامو نه آهي تنهن ڪري ??يڪ??ن (1) 57 تحت صدر جي اختيار جي استعمال ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي. هن چيو ته آئين ۽ قانون 90 ڏينهن کان وڌيڪ جي دير جي اجازت نٿو ڏي، ان لاءِ آئين جي خلاف ورزي کان بچڻ جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو پنهنجو آئيني ۽ قانوني فرض ادا ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. صدر چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا گورنرز صوبائي اسيمبلين جي تحليل کانپوءِ 90 ڏينهن جي اندر چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري ادا نه ڪري رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان به پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اسيمبلين جون چونڊون ڪرائڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري پوريون نه ڪري رهيو آ??ي، ان طرز عمل سان دير ۽ آئيني شقن جي خلاف ورزين جو سنگين خطرو پيدا ٿي رهيو آ??ي. صدر چيو ته اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي آئيني عهديدارن جا نالا پنهنجي مختلف خطن ۾ چونڊن جي امڪاني تاريخن جو اشارو ڏئي چڪو آ??ي، انهن خطن ۾ 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ جي اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو ته اسيمبلين جي عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مشاورت جو سنجيده عمل شروع ڪيو پر اليڪشن ڪميشن ان موضوع تي ٿيندڙ اجلاس ?? شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. ان لاءِ صدر جي طور ??يڪ??ن (1) 57 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي لاءِ 9 اپريل 2023ع آچر جي تاريخ جو اعلان ڪري رهيو آ??يان.
صدر پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 9 اپريل تي صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری