??سل??م آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علو?? ص??ارتي ايو??رڊ يافته ناليواري شاعر، اديب ۽ ڊراما نويس امجد ??سل??م امجد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تعزيتي بيان موجب صدر امجد ??سل??م امجد جي ادبي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ پاڪست??ن هڪ وڏي شاعر ۽ اديب کان محروم ٿي ويو. هن چيو ته اردو ادب ۾ امجد ??سل??م امجد جو خال ڀرجي نٿو سگهجي، مرحوم فن جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اردو ادب جي لاءِ سندس خدمتن کي ياد رکيو ويندو. صدر اردو زبان جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي ساراهيو. صدر ڊا??ٽر عارف علوي امجد ??سل??م امجد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون گهرڀاتين سان گڏ آهن. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت نصيب فرمائي. هن مرحوم جي مغفرت جي دعا ۽ وارثن ج?? ص??ر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.
صدر پاران ناليواري شاعر امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : گرم گرم