جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن جنيوا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ سومر ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان گڏجي پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي عالمي ڪا??فرنس جي ميزباني ڪندو. وزيراعظم ان ڪا??فرنس کي خطاب پڻ ڪندو. پاڪستان ڪا??فرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڏ کان متاثر عل??ئقن جي بحالي جو فريم ورڪ پيش ڪندو ۽ ان کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي اهميت تي زور ڏيندو. ڪا??فرنس ۾ اعليٰ سطحي افتتاحي اجلاس کانپوءِ باضابطا نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جو دستاويز پيش ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ پارٽنر سپورٽ جا اعلان ڪيا ويندا. بعد ۾ وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس ڪا??فرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ان کانسواءِ ڪا??فرنس ۾ شريڪ وفدن جي سربراهن ۽ اعليٰ سطحي عملدارن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم سوئيٽرزرلينڊ جي فيڊرل ڪونسلر ا??نازيوڪيسس ۽ اسلامڪ بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف، برطانيا جي ڊيولپمينٽ واري مملڪتي وزير اينڊرو مچل، چائنا انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين لوزائو هوئي، يو ايس ايڊ جي ڊپٽي ايدمنسٽريٽر ايزابيل ڪولمين، ورلڊ بئنڪ ڏکڻ ايشيا جي نائب صدر مارٽن ريئزر سان پڻ ملاقات ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن جنيوا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو
مضمون کا ماخذ : apostas quina