اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري ع??ارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي انقلابي قدم سان درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مد?? ملندي، بجلي جي مقامي ۽ قابل تجدي?? ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ سان توانائي جي تحفظ جي مع??ملي ۾ ملڪ پاڻڀرو ٿيندو ۽ عام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪري سگهبو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت سولرائيزيشن جي منصوبي جي پهرين قدم جي طور تي اپريل 2023ع تائين سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري ع??ارتن کي شمسي توانائي تي منتق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان انقلابي قدم سان توانائي جي درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مد?? ملندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي سيڪريٽرين سان ملاقات ۾ هن سرڪاري ع??ارتن جي سولرائيزيشن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ فعال قيادت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ان حوالي سان پوري ع??ل جي شفافيت، پري ڪواليفيڪيشن ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ يقيني بڻائي ويندي، اسان سرڪاري ملازمن جي محنت جو اعتراف ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته درآمدي توانائي جي لاڳت اٽڪل 27 بلين ڊالر ساليانو آهي، ان تي دارومدار غيرپائيدار آهي. هن چيو ته بجلي جي مقامي ۽ قابل تجدي?? ذريعن مان فائدو کڻڻ تي حڪومت جي ڌيان سان توانائي جي تحفظ جي مع??ملي ۾ ملڪ کي پاڻڀرو بڻائڻ ۽ عام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مد?? ملندي.
سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي انقلابي قدم سان درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری