ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول ??مينه عارف علوي معاشري جي سمورن شعبن ۾ معذور ماڻهن جي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هر سطح تي ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. هو هڪ مقامي اسڪول ۾ انسٽيٽيوٽ آف هولسٽڪ ري هيبي لي ٽيشن اينڊ انڪلوزن (آءِ ايڇ آر آئي) جي اهتمام هيٺ ورلڊ ميمڻ آرگنائيزيشن جي تعاون خان خصوصي چلڊرن اسپورٽس گالا ۽ اسڪائوٽنگ ايونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪريرهي هئي. ثمينه عارف علوي چيو ته ملڪ جي پائيدار ترقي جي لاءِ اهو ضروري آهي ته سماجي، معاشي ۽ سياسي سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ڇو ته پاڪستان جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي کي مختلف شڪلين ۾ معذوري درپيش آهي. معذوري جي شڪار ماڻهن سان معاشري جو عمومي رويو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، جيڪو اهڙن ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۾ رڪاوٽ آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، خصوصي ماڻهن جي بي عزتي يا توهين نه ڪريو پر تعليمي، سماجي ۽ معاشي سرگرمين ۾ انهن جي شرڪت جي حوصلا افزائي ۽ حمايت ڪريو. هن چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي معذور ماڻهن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي توثيق ڪري چڪو آهي، ملڪ ۾ قانون ۽ پاليسيون لاڳو آهن ۽ سرڪ??ري شعبي ۾ نوڪرين جي خصوصي ڪوٽا مخصوص ڪئي وئي آهي جڏهن ته سرڪ??ري ۽ غيرسرڪ??ري ادارا انهن جي سهولت ۽ انهن جي حقن ??ي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا اهن، جڏهن ته سمورين ڌرين کي قانونن ۽ پاليسين تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ، لاڳاپيل پاليسين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، پهچ کي وڌائڻ ۽ حقيقي تب??يلي ڻڻ جي لاءِ مجموعي سماجي رويي ۾ هڪ مثالي تب??يلي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي خصوصي ٻارن کي فني ۽ پيشيواراڻي مهارتن ۽ تربيت سان ليس ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جي??ن اهي ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران پنهنجي روزي ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهن ۽ معاشري جو هڪ ڪارائتو حصو بڻجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. هن والدين ۽ صحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن تي ور ڏنو ته اهي نئين ڄاول ٻارن جو مناسب چيڪ اپ يقيني بڻائين ته جيئن معذوري جي ڪنهن به ممڪن علامتن جي تشخيص ٿي سگهي ڇو ته وقت سر علاج ٻار کي سڄي عمر جي معذوري کان بچائي سگهي ٿو. خاتون اول ??هڙي ٺوس تعليمي نظام کي لاڳو ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو جيڪو عام اسڪولن ۾ ٻين ٻارن سان گڏوگڏ خصوصي ٻارن جي تدريس ۽ تربيت جي صلاحيت رکندو هجي ته جي??ن اهي زندگي جي مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ سکي سگهن. هن سرڪ??ري ۽ نجي شعبي جي سمورن اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته اهي ايڇ اي سي جي پاليسي موجب رعايتي فيسن تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ باقاعده ڪورسز ۾ داخلا جي سهولت فراهم ڪن. ثمينه عارف علوي معذوري جي شڪار ماڻهن جي اچ وڃ ۾ آساني پيد ڪرڻ جي لاءِ عمارتن، عوامي جاين ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولتن ۾ ريمپ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن وڌيڪ چيو ته اکين کان محروم ٻارن کي ننڍي عمر کان ئي سفيد ڇڙي جو استعمال سيکاريو وڃي. هن خصوصي ٻارن کي تعليم ۽ تربيت جا موقعا فراهم ڪرڻ تي آئي ايڇ آر آئي ۽ ڊبليو ايم او کي ساراهيو ۽ انهن جي مستقبل جي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. خاتون اول ??گاهي ڦهلائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي شموليت جي تصور کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت مهم ۾ بيد??ري شعور جي ڪوششن اهم ڪردار ادا ڪيو. ايم ڊبليو او جي ريجنل صدر ايڇ ايم شهزاد، نيورولوجسٽ رمل ڪمار، عبدالرزق پرديسي ۽ رحيم جانو پڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري جو لازمي حصو آهن ۽ انهن جي تنظيم انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي ته جي??ن اهي ملڪ جي ترقي ۾ فعال ڪردا ادا ڪري سگهن. هن چيو ته انهن جي تنظيم خصوصي ماڻهن کي پنهنجي ڪاروب??ري ۽ صنعتي ادارن ۾ نوڪريون فراهم ڪندي جڏهن ته خصوصي ٻارن کي هيلٿ ڪارڊ پڻ ج??ري ڪيو ويندو. ان کان اڳ خاتون اول ??مينه عارف علوي اسڪول ??ي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ خصوصي ٻارن جي راندين جي گالا ۽ اسڪائونٽنگ ايونٽ جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي منتظمين ثمينه عارف علوي کي يادگ??ري شيلڊ پڻ پيش ڪئي.
علوي معاشري جي سمورن شعبن ۾ معذور ماڻهن جي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هر سطح تي ٺوس قدمن جي ضرورت آهي: ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔