اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان برطانيا سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، پاڪستان جي عوام برطانوي شآاهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن برٽش هاءِ ڪميشن ۾ مل??ه برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي ??ان منعقد تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مل??ه برطانيا جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي، برطانيا سان دوستي تي پاڪستان کي فخر آهي، پاڪستان جي عوام برطانوي شآهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، جڏهن به برطانوي شاهي خاندان جي ماڻهن پاڪستان جو دورو ڪيو ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ??ه برطانيا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پنجاب ۾ خادم پنجاب طور ڪم ڪندي برطانيا اسان جي حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ پرائمري تعليم، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ پنجاب اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪمپني جي ذريعي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سيڙڪاري جي حوالي ??ان برطانيا اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي جنهن تي برطانوي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ۾ ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن سان گذريل هفتي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هن واپار جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان سلسلي ۾ برطانيا جو هڪ وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو، وزيراعظم چيو ته هو مل??ه برطانيا جي ڊ??هي زندگي ۽ صحت ۽ سلامتي جي لاءِ دعاڳو آهي، مل??ه برطانيا نه رڳو برطانيا پر پوري دول?? مشترڪه جي لاءِ اتحاد، اميد ۽ تسلسل جي علامت آهي. تقريب کي پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پڻ خطاب ڪ??و. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪمشنر سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو.
پاڪستان برطانيا سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina