اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ مسلم ??يگ (ن) بلوچستان جي وقتي صدر جمال شاهه ڪاڪڙ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جمال شاهه ڪاڪڙ وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ کي واپس ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيراعظم جي گذريل سالن ۾ نظرانداز ڪيل علائقن خاص ??ور تي بلوچستان جي ترقي کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ جي هدايت کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ ترقي جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ حڪومت جي اولين ت??ج??حن ۾ شامل آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت بلوچستان جي باصلاحيت افرادي قوت کي ترقي جي هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي يقيني بڻائيندي.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل