اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي عظيم ڪاميابي آهي جو ان کي رڳو ٽن مهينن ۾ ٻيو ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، ڪانفرنس ۾ مسلمان ا??ت کي درپيش مسئلا بحث هيٺ آهن، شرڪت ڪندڙن جون تقريرون جا??ي آهن، پاڪستان جي هر شخص کي فخر هجڻ گهرجي ته اڄ پاڪستان مسلمان ا??ت جي قيادت ڪري ره??و آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جا??ي آهي، ڪانفرنس ۾ اٽڪل 32 پرڏيهي وزير ۽ 700 کان وڌيڪ نمائندا شريڪ آهن. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ نمائندا اسان جي سياسي حالتن کي نظران??از ڪ??ي آيا آهن جيڪي پاڪستان جي لاءِ عزت جو سبب آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير مخالف ڌر پارٽين خاص طور تي انهن ماڻهن جن ڪانفرنس کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ڪاميابي سان جا??ي آهي.
او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلا بحث هيٺ آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون